اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورن وفاقي وزيرن جا پنهنجي بيماري دوران عيادت، نيڪ خواهشن ۽ صحتيابي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير، بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، مو??مياتي تبديلين واري وزير، مو??صلات واري وزير، توانائي واري وزير، اين ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻو?? سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي لاءِ ريليف ۽ بحالي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پاڪستان ۾ مو??مياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻو?? ۾ نقصانن کي عالمي فورم ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ تي پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ مو??مياتي تبديلين واري وزير ??يري رحمان جي ڪوششن کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻو?? سان ٿيندڙ نقصانن تي عالمي برادري پاران نقصانن ازالي لاءِ مدد جي خاطري ۽ مو??مياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميجز فنڊ قائم ڪرڻ کي پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي وڏي فتح قرار ڏنو. ڪابينا وزيراعظم جي سيڪريٽري سيد توقير ??اهه جي وا??ده جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تازن وا??عن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر