اسلام آباد – 24 ??? م??رچ (اي پي پي) پاڪستان ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان چيو ته گذريل هفتي سرينگر ۾ ڀارتي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آئي اي) سينيئر صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن عرفان معراج کي گرفتار ڪيو، پاڪستان کي عرفان معراج ۽ خرم پرويز سميت درجنين ڪشمير?? صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن جي حفاظت ۽ خيريت بابت ڳڻتي آهي جيڪي ڀار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀار?? جي جيلن ۾ قيد آهن. ترجمان ڀارت ت?? زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ راءِ جي اظهار ۽ اجتماع جي آزادي کي سلب ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará