اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سو??يڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪ??ري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير انهن ملڪن جي دوري د??را?? ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت کانسواءِ قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سو??يڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم مقرر طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳ??له?? ٻولهه ڪندي.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria estadual