اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي ??ال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ت??قي??تي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ماحولياتي تبديلي واري وزارت جي مختلف اسڪيمن جي لاءِ 4050 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب ماحولياتي تبديلي ڊويزن جي ٽن جاري اسڪيمن جي لاءِ 3950 ملين رپيا رکيا آهن، انهن اسڪيمن ۾ ڪيپسٽي بلڊنگ آن واٽر ڪوالٽي مانيٽرنگ اينڊ ايس ڊي جي (6.1)، ڪلائميٽ ريزيليئنٽ اربن هيومن اسٽيلٽمنٽس يونٽ ۽ گرين پاڪستان پروگرام جي اپ اسڪيلنگ شامل آهي جن جي لاءِ ترتيبوار 26.5 ملين رپيا?? 20.950 ملين رپيا ۽ 3902.55 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي ??ال 24 – 2023ع جي لاءِ سرڪاري شعبي جي ت??قي??تي پروگرام ۾ ڪلائميٽ چينج ڊويزن جي هڪ نئين اسڪيم جي ايم اوز ريگيوليشن بابت پاڪستان بائيو سيفٽي ڪليئرنگ هائوس شامل ڪئي وئي آهي، ان اسڪيم جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 200 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جڏ??ن ته ايندڙ مالي ??ال ۾ ان اسڪيم جي لاءِ 100 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 22
پي ايس ڊي پي تحت ماحولياتي تبديلي واري وزارت جي مختلف اسڪيمن جي لاءِ 4050 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث