باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪندي ??يو آهي ته موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر??و پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گوادر جي ذريعي ويجهي ملڪن سان واپار جا وسيع مو??عا موجود آهن. پاڪستان ۾ شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جا خواهشمند آهيون، اسان آذربائيجان کي پاڪستاني چانور جي برآمد ۾ اضافو چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته آذربائيجان جي قومي ايئرلائين اسلام آباد جي لاءِ اڏام شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته آذربائيجان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، روس يوڪرين تڪرار جي ڪري عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر??و پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو آذربائيجان جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هو آذربائيجان جي صدر جي ويزن کان تمام گهڻو متاثر آهي، آذربائيجان سان لاڳاپن جي فروغ کي اهم سمجهون ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کي اجاگر ڪندي ??يو ته ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم جو شڪار آهي. هن ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي آذربائيجان پاران سدائين پاڪستان جي موقف جي تائيد کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته ملاقات ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا مو??عا موجود آهن. هن ٻڌايو ته ملاقات ۾ تعليم، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي عزم جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري جي آجيان ڪندي ??يو ته دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل فوجي مشقن ۾ اضافو ڪيو ويندو.
پاڪستان ۽ آذربائيجان پاران گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق، موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: شهباز شريف/ الهام عليوف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد