پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا ج?? گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي پيش ??يل حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي ايران ۾ موجود سفير گورنر کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪ??ائي آهي. ٻئي پاس?? گورنر متاثر خاندانن کي خاطري ڪ??ائيندي چيو آهي ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آهي، پاڪستاني سفير پاڻ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪ??ي رهيو آهي، يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت افسوسناڪ آهي، صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ صدر پاڪستان سنڌ حڪومت کي حادثي متاثرن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. متاثرن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي، انهن جي وارثن کي ڀرپور حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ بس حادثي تي بلاول ڀٽو زرداري فوري طور تي ايراني عملدارن سان پڻ رابطو ڪيو آهي. هن ايراني عملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير سان رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد