اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيليٽي اسٽورز کلي ويا آ??ن ۽ عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي قيمتن تي فراھم ڪري رھيا آ??ن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورشن جي ترجمان جمعي ڏينھن پنھنجي بيان ۾ چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا سمورا آپريشنز بحال ٿي ويا آ??ن ۽ سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيلٽي اسٽورز کلي چڪا آ??ن ۽ عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي اگهن ۾ فراھم ڪري رھيا آ??ن، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انت??ام??ا ۽ ڪارڪن نئي جذبي سان عوام جي خدمت ۾ مصروف آھن. ھن چيو ته عوام جي سھولت ۾ اضافي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجي صارفين کي ڪيترين ئي شين تي خصوصي رعايت پڻ فراھم ڪئي آھي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجا سمورا ??ين??رز، سپلائيرز، مينيوفيڪچررز ۽ ٻين روز مره جي استعمال جون شيون سپلائي ڪرڻ وارين ڪمپنين جو شڪريو ادا ڪيو جن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي عزت ڏني ۽ مشڪل وقت ۾ اسان سان گڏ بيٺل ھئا. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن انھن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، ??ين??رز ۽ سپلائرز جو دل سان شڪريو ادا ڪري ٿي.
سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيلٽي اسٽورز کلي ويا آھن: يوٽيلٽي اسٽورز جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : números dupla sena