اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) ??اڻ?? ۽ اوڳاڙين ??اري وفاقي وزير سينيٽر محمد ??ورنگزيب ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل ضم ٿيڻ جي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي ان کي ملڪ جي اقتصادي تبديليءَ جو اهم جُز قرار ڏنو آهي. حڪومت رابطن کي بهتر بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائل براڊ بينڊ سروسز جي بهتري لاءِ آءِ ايم ٽي اسپيڪٽرم جي جاري ٿيڻ تي مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پي ٽي اي ??يئرمين، آءِ ٽي وارو سيڪريٽري، قانون واري وزارت جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ کان علاو?? آمريڪي ڪنسلٽنٽ فرم نيرا طرفان ڪيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو جنهن کي پي ٽي اي نومبر 24ع ۾ پي پي آر اي رولز/اي پي اي ??ي ايس موجب پاڪستان جي مارڪيٽ جو جائزو وٺڻ، ڀائيوارن سان صلاح ڪرڻ، شعبي ۾ سڌارن ۽ ڪامياب اسپيڪٽرم جي نيلامي لاءِ پاليسي سفارشون ۽ روڊ ميپ تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. اسپيڪٽرم جي نالي جو عمل ايندڙ سال اپريل تائين ??ڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي. ??اڻ?? واري وزير چيو ته حڪومت رابطن کي بهترن بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن اُڀرندڙ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ جديد ايپليڪيشنز کي وسيع پيماني تي اختيار ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهي قدم مختلف شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، اقتصادي سرگرمين جي تبديلي ۽ جٽادار ترقيءَ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
ملڪ ۾ اقتصادي اڳڀرائي لاءِ ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل ضم ٿيڻ اهميت رکن ٿا: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ