اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو نومبر 2024ع ۾ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 729 ملين آمريڪي ڊالرز ??ي پهچي وڃڻ ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آه??. وزيراعظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي، مهانگائي ۽ ناڻي واڌ ۾ ترتيبوار گهٽتائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ اضافو حڪومت جي مثبت معاشي پاليسين جو واضح ثبوت آه??، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رڪارڊ اضافي سان پاڪستان جي عالمي معاشي مارڪيٽ ۾ پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس سان پاڪستاني معيشت ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم پاران رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ