اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروايون خوش آئنده آهن، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن گروهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وز??را??ظم ايف آءِ اي پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف تازين سخت ڪاررواين جي شروعات خوش آئنده آهي. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته سهولتڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نشان بڻجن. وز??را??ظم حڪم ڏنو ته انساني اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خلاف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ قانون ۽ انصاف واري وز??رت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪيا وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئين ملڪن مان انساني اسمگلنگ جو ڪاروبار هلائيندڙ پاڪستانين جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ۽ انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وز??رت کي گهرو وز??رت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??را??ظم چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ??ريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرجن موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئين ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وز??را??ظم کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن، سهولتڪارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil