گڏيل قومون- 02 نومبر (اي پي پي)پاڪستان چيو آهي ته عالمي ترقياتي فنانسنگ جي ذريعن کي اهڙن طريقن سان ري ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا پن??هگيرن جي ميزباني ڪ??دڙ ملڪن لاءِ پهرين موجود قرضن جي بار ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري ڇاڪاڻ ته بي گهر ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سماجي، انساني ۽ ثقافتي معاملن بابت جنرل اسيمبلي کي ٿرڊ ڪميٽي ۾ گڏيل قومن جي پن??هگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرينڊي سان انٽرايڪٽو بحث دوران ڪي?? ته عالمي مالياتي ادارن طرفان فراهم ڪي?? ڪي?? رعايتي قرضن بدران عطيو ڏيندڙن کي پن??هگيرن جي ميزباني ڪ??دڙ ملڪن کي وقت سر، متوقع، ڊگهي مدي ۽ شعبي جي لحاظ کان فنڊز فراهم ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته مئي 2023ع تائين سڄي دنيا ۾ 110 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪي?? ويو جيڪو يو اين ايڇ سي آر جي تاريخ ۾ جبري لڏپلاڻ ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو هڪ سال جو اضافو آهي جيڪو خوني تڪرارن سبب ٿيو. سندس چوڻ هو ته پن??هگيرن ۽ بي گهر ماڻهن جي تعداد ۾ رڪارڊ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ٽرپل بحرانن ڪورونا وائرس جي وبا، ماحولياتي تبديلي ۽ تڪرارن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪي??، عثمان جدون چيو ته موجوده پيچيده ۽ گهڻ رخي چئلينجن ۾ تحفظ جي وڌ??دڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ پن??هگيرن بابت عالمي معاهدي سميت سمورن عالمي واعدن تي عملدرآمد ذريعي پائيدار حل ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ مضبوط ۽ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي مالي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن باوجود 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان افغان پن??هگيرن جي ميزباني ۾ بي مثال سخاوت ۽ مهمان نوازي جو مظاهرو ۽ تحفظ ۽ سهولت جي اعليٰ ترين معيارن تي عمل ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1.4 ملين کان وڌيڪ رجسٽرڊ افغان پن??هگيرن ۽ تقريبن 9 لک افغان سٽيزن شپ ڪارڊ هولڊرز جي ميزباني ڪئي، پاڪستان کين پنهنجي شهرين جي برابر صحت، تعليم ۽ سهولتون فراهم ڪري ٿو، انهن پن??هگيرن کي سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ مفت داخلا ۽ اسڪالرشپ سان گڏوگڏ اعليٰ ۽ پيشيوراڻي تعليم تائين پهچ سان گڏوگڏ روزگار جا ڪافي موقعا ۽ بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جي اجازت به حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن اسر??دڙ ملڪن ۾ پن??هگيرن جي مدد لاءِ وڌيڪ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت اهي ۽ انهن قدمن ۾ انساني همدردي جي بنياد تي مالي مدد وڌائڻ لاءِ نون حصيدارن، رياستن ۽ ادارن تائين پهچ حاصل ٿئي. هن جو چوڻ هو ته اهو ڏسندي ته اسر??دڙ ملڪ محدود وسيلن سان 85 سيڪڙو پن??هگيرن جي ميزباني ڪن ٿا، اهو بار وڌيڪ مشڪل ٿي ويندو آهي ان لاءِ يو اين ايڇ سي آر کي پنهنجي عالمي آپريشنز پاليسي جوڙيندي پن??هگيرن جي ميزباني ڪ??دڙ ملڪن جي مقامي ضرورتن لاءِ حساسيت جو احساس هجڻ گهرجي. پاڪستاني سفير چيو ته تجربي ثابت ڪي?? آهي ته پن??هگيرن جي ڊگهي صورتحال لاءِ رضاڪاراڻو وطن واپسي ۽ اصل ملڪن ۾ ٻيهر ضم ٿيڻ واحد پائيدار حل آهي. هن پن??هگيرن جي پنهنجي وطن واپسي لاءِ مڪمل فنڊڊ پروگرامن جو مطالبو ڪندي چيو ته اصل ملڪن لاءِ سرڪاري ترقياتي امداد (او ڊي اي) ۾ اضافو ڪن ته جيئن هو واپس ايندڙن جي مدد ڪري سگهن، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سيڙپڪاري ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ پابنديون ختم ڪي??ن وڃن جيئن افغانستان جي معاملي ۾ آهي.
عالمي ترقياتي فنانسنگ کي اهڙن طريقن سان ري ڊزائين ۽ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا پناهگيرن جي ميزبان ملڪن جي قرضن جي بار ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر