گڏيل قومون-17 نومبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ??رڊ ڪميٽي پاڪستان طرفان پيش ڪيل قرارداد جي بنا ووٽنگ جي ??تفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ انهن ماڻهن لاءِ حق خود اراديت جي اصول لاءِ عالمي عزم جي تجديد ڪئي وئي جيڪي هاڻي به نوآباديات يا غير ملڪي قبضي جو شڪار آهن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقل نمائندي منير اڪرم سماجي، انساني ۽ ثقافتي مسئلن بابت جنرل اسيمبلي جي ??رڊ ڪميٽي ۾ 64 ملڪن جي تعاون سان قرارداد پيش ڪئي جنهن کي بنا ووٽ جي ??تفقه طور تي منظور ڪيو ويو آهي. پاڪستان گڏيل قومن ۾ 1981ع کان ان قرارداد جي سرپرستي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ دنيا جو ڌيان انهن ماڻهن خاص طور تي فلسطي?? ۽ ??ارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير جي ??اڻهن طرف ڌيان ڇڪرايو ويو جيڪي هاڻي به پنهنجي ??تح نه ٿيڻ جوڳي حق، خق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته قرارداد جو متن ايندڙ مهيني جنرل اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. پاڪستاني نمائندي مسودو پيش ڪندي چيو ته عوام جو حق خوداراديت هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو جنهن تي هر فرد لاءِ انساني حقن ۽ بنيادي آزادي جو ڍانچو هموار ٿئي ٿو، هن چيو ته هي حق شهري ۽ سياسي حقن تي عالمي معاهدي ۽ سماجي ۽ ثقافتي حقن جي ??عاهدي ۽ ٻي?? ڪيترن ئي عالمي دستاويزن ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ ان تعريف کي مختلف عدالتن ۽ قانوني ماهرن وڌيڪ واضح ڪيو آهي. هن چيو ته تقريبن سمورن اڳوڻن نوآبادياتي دور جي ??اڻهن ۽ محڪوم ماڻهن جن جي اڄ هن ڪميٽي ۾ خودمختيار قومن طور تي نمائندگي ڪئي وئي آهي، پنهنجي حق خود اراديت جو استعمال ڪندي آزادي حاصل ڪئي. پاڪستاني نمائندي چيو ته قابض طاقتون جن ذريعن ۽ طريقن سان حق خود اراديت جي جائز جدوجهد کي دٻائي رهيون آهن اهي جاحراڻيون ۽ جابراڻيون آهن، جنهن ۾ بي دردي سان فوجي طاقت جو استعمال، انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون، جنگي ڏوهه، انسانيت خلاف ڏوهه ۽ نسل ڪشي شامل آهن. قرارداد جي ??سودي موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ دفعو ٻي??ر سمورن ماڻهن جي حقن ??ي عالمي سطح تي تسليم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪندي جن ۾ نوآبادياتي ۽ پرڏيهي ڏاڍ ۾ رهندڙ ماڻهو به شامل آهن، قرارداد جي ??سودي موجب حق خود اراديت کي انساني حقن جي ??اسداري جي ??وثر ضمانت جي بنيادي شرط تسليم ڪيو ويندو، قرارداد ۾ جنرل اسيمبلي جي غير ملڪي فوجي ??داخلت، جارحيت ۽ قبضي جي ڪاررواين جي شديد مخالفت ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته ان جارحاڻي ڪاررواين ۽ غير ملڪي فوجي ??داخلت جي ??تيجي ۾ دنيا جي ڪجهه حصن ۾ ماڻهن جي حق خود اراديت ۽ ٻي?? انساني حقن کي دٻايو ويو آهي، قرارداد ۾ ذميوار رياستن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو ٻي?? ملڪن ۽ علائقن ۾ پنهنجي ??وجي ??داخلت ۽ قبضي سان گڏوگڏ جبر، امتيازي سلوڪ، استحصال ۽ بدسلوڪي جون سموريون ڪارروايون فوري طور تي بند ڪري، جنرل اسيمبلي لکين پناهگيرن ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جي حالت تي به افسوس جو اظهار ۽ تحفظ سان گڏ انهن جي رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جي حق جي توثيق ڪندي. قرارداد ۾ انساني حقن واري ڪائونسل تي زور ڀريو ويو آهي ته هو غير ملڪي فوجي ??داخلت، جارحيت، يا قبضي وارن ملڪن ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ خاص طور تي خود اردايت تي خصوصي ڌيان ڏي. قرارداد ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کان ان بابت جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي، ڀارتي نمائندي پنهنجي ??وقف جي ??ضاحت ڪندي چيو ته حق خود اراديت انهن نو آبادين جو حق آهي جتي جي رهواسين کي آزاداڻي طور تي پنهنجي حڪومتن جي چونڊ جو حق حاصل ناهي، ڀارت پاڻ هڪ اڳوڻو نوآبادي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته حق خوداراديت جو لاڳو جمهوري ادارن ۽ خودمختيار رياستن جي اندر گروهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نٿو ڪري سگهجي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٿرڊ ڪميٽي نوآبادياتي، پرڏيهي قبضي جو شڪار ماڻهن جي حق خوداراديت جي اصول جي عزم جي تجديد لاءِ پاڪستاني قرارداد جي متفقه منظور ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری