واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جنوري 2021ع ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي آمريڪي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي صدر ??يو آهي ته هو ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪندو. انڊپينڊنٽ اردو جي رپورٽ موجب اهو عدالتي حڪم جيڪو رڳو ڪولوراڊو پرائمري بيلٽ تي لاڳو ٿئي ٿو، ڪولوراڊو جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته پينل جي ميمبرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ کي رياست جي آئين جي 14 هين ترميم جي سيڪشن ٽي تحت صدر جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، فيصلي ۾ وڌيڪ ??يو ويو آهي ته نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ ڪولوراڊو سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي چونڊ ضابطن تحت صدارتي پرائمري بيلٽ تي اميدوار طور ڊونلڊ ٽرمپ جي داخلا غلط هوندي. عدالتي حڪم موجب ڊونلڊ ٽرمپ 4 جنوري 2024ع تائين ان فيصلي خلاف آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ترجمان اسٽيون چيونگ هڪ بيان ۾ ??يو آهي ته اسان جلد ئي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ۽ ان شديد غير جمهوري فيصلي کي روڪڻ لاءِ گڏجي درخواست داخل ڪنداسين. هن ڪيس جو فيصلو ڪندڙ ج??ن تي ڊيموڪريٽس جا مقرر ڪيل هجڻ جو الزام لڳايو. هن ??يو ته ڊيموڪريٽ پارٽي جي اڳواڻ ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ ۾ وڌندڙ مقبوليت سبب مايوسي جي حالت ۾ آهي، ان فيصلي تي سينئر ريپبلڪن اڳواڻن طرفان تنقيد به ڪئي وئي جنهن ۾ 2016ع جي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو مخالف سينيٽر مارڪورو بيو به شامل آهي، 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ نامزدگي جي ڊور ۾ شامل وويڪ راما سوامي ان کي سياسي مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاء?? چونڊ مداخلت جو حربو قرار ڏنو. هن هڪ بيان ۾ ??يو ته هي فيصلو جمهوريت تي حملو آهي.
آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa