ڪويت سٽي -11 جولاءِ (اي پي پي)ڪويت قرآن شريف جي هڪ لک نسخن کي سوئيڊش ٻولي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ڪويت ج?? وزير??عظ?? جو اهو فيصلو اسلام جي رواداري ۽ سڀني ماڻهن وچ ۾ اسلامي قدرن ۽ گڏيل بقا کي ڦهلائڻ جي مقصد تحت ڪيو ويو آهي. شيخ ا??مد نواف الا??مد الصباح ڪيئر اٿارٽي کي قرآن پاڪ جي طباعت ۽ اشاعت ج?? ڪم سونپي ڇڏيو ته جيئن ان??ن نسخن کي سوئيڊن ۾ ورهائي سگهجي. واضح رهي ته 28 جون تي عيدالاضحيٰ جي پهرين ڏينهن سوئيڊن ۾ هڪ عراقي شهريءَ قرآن ڪريم جي نسخي جي بي حرمتي ڪئي هئي، ان گٿي حرڪت تي سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ ڇانيل آهي ۽ احتجاجي مظاهرا به ڪيا پيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری