گڏيل قومون – 08 جنوري (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري ??يو آهي ته غزه تي حملن جي شروعات کان اسرائيل جي هٿياربند فوج هن وقت تائين 94 اسپتالن ۽ 76 ايمبولينسن تي 294 حملا ڪري چڪي آهي ۽ انهن حملن جي نتيجي ۾ اٽڪل 600 ماڻهو مارجي ويا آهن. ٽي آر ٽي مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 22 ڊسمبر تي ڪيل غزه ۾ ??مد??دي ڪاروائين لاءِ پهچ ڏيڻ بابت فيصلي جي پهرين رپورٽ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو??يو گوتريش ان رپورٽ ۾ ??يو آهي ته جنگ سبب متاثر غزه جي رهائشين جي ??مد??د تائين پهچ لاءِ جنگ جو بند ٿيڻ ضروري آ??ي. ??پورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج غزه جي وڌيڪ آبادي وارن حصن ۾ وسيع علائقي کي متاثر ڪندڙ تباهي پکيڙيندڙ هٿيار استعمال ڪيا آهن جنهن سبب علائقي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رهائشي گهر يا ته متاثر ٿيا آهن يا پوءِ ڊهي ويا آهن.
اسرائيلي فوج هن وقت تائين 94 اسپتالن ۽ 76 ايمبولينسن تي 294 حملا ڪري چڪي آهي: ڊبليو ايڇ او
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز