ڍاڪا-14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اٽارني جنرل محمد اسد الزمان ملڪي آئين ۾ ترميمن جو مطالبو ڪندي سوشلزم، بنگالي ??وم پرستي، سيڪولرازم ۽ شيخ مجيب الرحمان کي باباءِ ??وم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسد الزمان اهي رمارڪس بنگلاديش جي 15 هين آئيني ترميم جي قانوني حيثيت تي ??اءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻ?? جي پنجين ڏينهن پنهنجي دليلن دوران ڏنا. هن آئين جي آرٽيڪل 8 جو حوالو ڏيندي چيو ته سوشلزم ۽ سيڪيولرازم ان ??وم جي حقيقتن جي عڪاسي نه ڪندا آهن جتي 90 سيڪڙو مسلمانن جي هجي. هن ان حوالي سان آئين جي اصل جملي کي بحال ڪرڻ جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ الله تي ??ختي ايمان تي زور ڀريو ويو هو. هن آرٽيڪل 9 ۾ بنگالي قومپرست?? جي هڪجهڙائي تي به ??وال اٿاريا ان کي جديد جمهوري اصولن جي ابتڙ ??رار ڏنو. هن ريفرنڊم لاءِ شقن کي بحال ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو، جن کي 15 هين ترميم تحت ختم ڪيو ويو هو. اٽارني جنرل آرٽيڪل 6 تي به ??نقيد ڪئي، جيڪو ٻول?? جي ذريعي قومي سڃاڻپ جي وضاحت ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪئي ته ان سان شهرين ۾ غير ضروي ويڇي کي هٿي ڏني آهي. هن چيوته آرٽيڪل (ka)7 ۽ (Kha) 7 جمهوريت جي روح سان هڪجهڙائي نٿا رکن ۽ آمراڻي مقصدن جي تڪميل ڪن ٿا ان لاءِ انهن ٻنهي آرٽيڪلز کي ختم ڪيو وڃي. اٽارني جنرل نگران حڪومتي ??ظام جي خاتم?? جي پڻ شديد مذمت ڪئي.
بنگلاديش جي اٽارني جنرل پاران ملڪي آئين مان سوشلزم، قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم