گڏيل قومون-15 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن کي ٻڌايو آهي ته غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ??ليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي بند ڪ??ڻ لاءِ اسرائيلي قانونسازي لکين فلسطينين کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيندي، عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ??هم لائف لائن يو اين آر ڊبليو اي جي ڀرپور حمايت ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان مشن ۾ فرسٽ سيڪريٽري انصر شاهه گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي پوليٽيڪل اينڊ ڊي ڪالونائيزيشن بابت چوٿين ڪميٽي ۾ بحث دوران چ??و ته اسرائيل طرفان يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي ??مدادي سرگرمين کان روڪڻ گهرجي ۽ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ته يو اين آر ڊبليو اي فعال رهي ۽ پنهنجي مينڊيٽ موجب انساني همدردي جي ڪمن کي سرانجام ڏي. پاڪستاني نمائيندي انصر شاهه چ??و ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام جي ??ميد ۽ وقار کي بحال ڪ??ڻ لاءِ انصاف، انساني حقن، بين الاقوامي قانون جي ??صولن کي برقرار رکڻ گهرجي، هن چ??و ته پاڪستان يو اين آر ڊبليو اي جي ??مدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي ??سرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪئي. پاڪستاني نمائندي لکين فلسطينين لاءِ سنگين خدشن کي اجاگر ڪ??و ته اسرائيلي قدمن سان ضروري عوامي خدمتن جهڙوڪ تعلي??، صحت ۽ سماجي مدد ختم ??ي وينديون جن تي سندن زندگي جو دارومدار آهي. هن چ??و ته غزه جي ??موري آبادي کي خدشو آهي ته ان جي واحد لائف لائين ختم ڪئي ويندي. ميمبر ملڪن جي مداخلت کانسواءِ يو اين آر ڊبليو اي بند ??ي ويندو جنهن سان لکين فلسطيني افراتفري ۾ هليا ويندا. هن وڌيڪ چ??و ته فلسطيني عوام جي پڪار جو جواب ڏيڻو پوندو. هن خبردار ڪ??و ته جيڪڏهن عالمي برادري چارٽر ۽ عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ته گڏيل قومن جي چارٽر جي ??نياد تي ٺاهيل عالمي نظام تباهه ٿي سگهي ٿو. هن فلسطينن لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت ۽ ان جي ??ود اراديت واري حق جو ورجاءُ ڪندي چيوته عالمي برادري کي فلسطيني برادري جي ??ميد ۽ وقار جي ??حالي لاءِ انصاف، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي ??صولن کي برقرار رکڻ گهرجي.
اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين تي پابندي کان روڪڻ گهرجي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل