واشنگٽن- 19 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ غيرقانوني طو?? رهندڙ پناهگيرن جي ملڪ بدر?? جي منصوب?? جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. دي اڪنامڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق نئين چونڊيل صدر چيو ته هو پنهنجي ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ قومي سطح تي هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن دوران رهندڙ پناهگيرن جن جي آمريڪا ۾ رهائش جي قانوني حيثيت ناهي، انهن جي وڏي پيماني تي ملڪ بدري ۾ آمريڪي فوج جي مدد به ورتي ويندي. ڊونلڊ ٽرمپ اها ڳالهه پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم، ٽروٿ سوشل پرٽام فٽن ??رفان ڪيل هڪ ??وسٽ جي جواب ۾ ڪئي. واضح رهي ته جوڊيشل واچ نالي اداري سان ڳنڍيل ٽام فٽن ??عويٰ ڪئي هئي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪري غيرقانوني طو?? رهندڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري ۽ غير قانوني اميگريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي اثاثا استعمال ڪندو.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ