اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون ح??ين ترڪ لينڊ فورس جي سربراهه جنرل صالح ذڪي چولاڪ کي ايوان صدر ۾ هڪ پروقار تقريب ۾ اعليٰ فوجي اعزاز نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو آهي. کيس اهو اعزاز پاڪستان ۽ ترڪ فورسز جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافي جي لاءِ غير معمولي خدمتن تي ڏنو ويو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، دفاع واري سيڪريٽري، پاڪستان ۾ مقرر ترڪي ??ي سفير بابر گرگن کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ??ي وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا هموار آهن ۽ پاڪستان ترڪي ??ان پنهنجي لاڳاپن کي دفاع جي شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ج?? خواهشمند آهي.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا