اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 2013ع جو انڌيرن ۾ ورتل پاڪستان اڄ روشن آهي ۽ اقتصادي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي، اس??ن سڀ پاڪستاني آهيون، اس??ن کي ان تي فخر آهي، قائداعظم محمد علي جناح جو مقصد هو پاڪستان هڪ پرامن ۽ جمهوري ملڪ بڻجي اڀري، قائداعظم جي ويزن جي پڄاڻي لاءِ اس??ن کي گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اس??ن کي وچن ڪرڻو آهي ته هر پاڪستاني آئين پڙهندو، اڄوڪي ڏينهن تي هي ڳالهه اس??ن کي ياد رکڻ گهرجي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف گذريل چار سال پاڪستاني قوم ۽ نوجوانن لاءِ ڪم ڪيو، محمد نواز شريف جي ويزن تحت ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون، توانائي جا منصوبا ٺاهيا ويا ۽ سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪار?? جي ذريعي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف انفراسٽرڪچر جي ترقي جو ويزن ڏٺو اڄ انهي تحت پاڪ چين اقتصادي لنگهه جا منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن. هن اها ڳالهه آزاد?? جي ڏهاڙ?? جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ٽيلي ويزن هيڊڪوارٽر ۾ خصوصي تقريب ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب ۾ چئي.
2013ع جو انڌيرن ۾ ورتل پاڪستان اقتصادي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania