اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? پبلڪ سروس جي نگراني ۾ بهتري لاءِ ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خاص مددگار عثمان ڊار مستق??ل جي منصوبابندي تي ٻڌل جامع پلان پيش ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ٽائيگر فورس جي ذريعي اي گورننس سسٽم آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ٽائيگر فورس اي گورننس پلان تي مشاورت ڪئي وئي آهي، ٽائيگر فورس جا نوجوان مقامي سطح تي گورننس جي معاملن کي رپور?? ڪري سگهندا، ضروري شين جي قيمتن ۽ صحت جي سهولتن بابت عملدارن کي آگاهه ڪيوويندو، پناهگاهن، مارڪي??ن، تعليمي ادارن ۽ عوامي جاين تي سروسز جي فراهمي رپورٽ ٿيندي، ٿاڻي، لينڊ رڪارڊ، بجلي چوري ۽ عوامي شڪايتن تي به نظر رکي سگهندا، سروسز جي فراهمي کان انڪار يا رشوت جي ڪوشش کي رپور?? ڪري سگهجي ٿو.
وزيراعظم پاران پبلڪ سروس جي نگراني لاءِ ٽائيگر فورس جي مدد وٺڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔