اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ تقريبن 8 ٽريلين روپين جي نئين سالياني بجيٽ اڄ پيش ڪري رهي آه??، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها ٽئين سالياني بجيٽ آه?? جيڪا اهڙي موقعي تي پيش ڪئي پئي وڃي جڏهن دنيا ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏئي رهي آه??، ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جو معيشتون متاثر ٿيون آه??، ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. سرڪاري ذريعن موجب اقتصادي مشڪلاتن ۽ چئلينجن جي باوجود تحريڪ انصاف جي حڪومت اوڳاڙين لاءِ پرجوش هدف ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنذن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آه??، نئين وفاقي بجيت ۾ ڪورونا جي ڪري عوام ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثرن، عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ ان کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ بهتر ماح??ل جي فراهمي ۽ دستاويزي معيشت جي هدفن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، مالياتي انتظام ۽ انصرام سان گڏوگڏ روينيو ۾ اضافي، معاشي استحڪام ۽ واڌ ويجهه، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام دوست پاليسون بجيٽ جي نمايان خصوصيتن ۾ شامل هونديون، نئين وفاقي بجيٽ ۾ سماجي شعبي جي ترقي تي خاص طور تي ڌيان ڏنو وي??دو?? بجيٽ ۾ اسلوب حڪمراني ۾ بهتري لاءِ سڌارن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ سهولتن ۽ قدمن جو اعلان متوقع آه??. حڪومت نئين بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جو پهرين کان فيصلو ڪيو آه?? تنهن هوندي به روينيو ۾ اضافو، ٽيڪس جي بنياد ۾ سگ??ه ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويندا ڇو ته روينيو ۾ بهتر اضافي سان اقتصادي واڌ ويجهه جا هدف حاصل ٿي سگهندا. ذريعن موجب حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 5800 ارب روپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪري رهي آه??، نئين وفاقي بجيٽ جي ڏس ۾ هلندڙ مالي سال 21 -2020ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ ڪالهه خميس ڏينهن جاري ڪئي وئي.
وفاقي حڪومت 8 ٽريلين روپين جي نئين سالياني بجيٽ اڄ پيش ڪندي
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری