اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سلامي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ج??ال سويدان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف علوي ڊاڪٽر سلامي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر سلامي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر سلامي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ ??ڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊاڪٽر ج??ال سويدان کي ستاره قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊاڪٽر ج??ال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خد??تو?? سرانجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر ج??ال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر ج??ال اق??ال??ات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خد??تو?? سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر ج??ال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذهبي فڪر ج?? ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سلامي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي اعزاز ڏنا
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔