??سل??م آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي اجلاس ۾ مداخلت نه ٿيڻ ڏينداسين، لانگ مارچ ڪندڙن کي پهرين ڪڏهن نه روڪيو نه ئي آئنده روڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي لانگ مارچ جي اعلان جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ??سل??م آباد ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي، اجلاس ۾ مداخلت ٿيڻ نه ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس لاءِ دعوت ناما موڪليا ويا آهن، ??سل??م آباد ۾ او آ3 ??ي اجلاس پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، مخالف ڌر جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته مخالف ڌر چئي ٿي ته اسان وٽ نمبرز پورا آهن، نمبرز پورا آهن ته ??سل??م آباد ۾ ڌرڻن جي ڪهڙي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه شيون ??هڙيون ??هن جيڪي وزيرا??ظم قوم سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي جي ذريعي وزيرا??ظم عمران خان قوم کي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته بي اعتمادي ??ٿ جو مقابلو آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ميمبر پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميداري کي چڱي ريت سمجهن ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، بي اعتمادي ??ٿ جو مقابلو ڪرڻ اسان جو آئيني جمهوري حق آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي لانگ مارچ ڪيو، حڪومت ڪٿي نه روڪيو، لانگ مارچ ڪندڙن کي آئنده به نه روڪيو ويندو.
او آءِ سي اجلاس ۾ مداخلت نه ٿيڻ ڏينداسين، لانگ مارچ ڪندڙن کي پهرين ڪڏهن روڪيو نه ئي آئنده روڪيو ويندو: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena