اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هائير ايجوڪيشن ڪ??يش?? جي بحالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪ??يش?? کي مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور وانگر فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم هائير ايجوڪيشن ڪ??يش?? بابت منصوبابندي ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون آه??، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪ??يش?? جي بجيٽ ۾ گذريل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين اعليٰ تعليم تي منفي اثر وڌو آهي، ان عمل کي واپس ڪيو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تعليمي پراجيڪٽس جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي، اعليٰ تعليم کي عالمي معيار تي هموار ٿيندي پروگرامز جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪ??يش?? جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪ??يش?? جي وسيلن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيو ??ڃن.
وزيراعظم پاران ايڇ اي سي جي بحالي ۽ بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر