اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي نوجوان پاڪستاني جبل چاڙهوئن جي ڪاميابين کي ميڊيا جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جو مثبت تاثر قدم ڪرڻ لاءِ نوجوانن پاڪستاني جبل چاڙهو جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، نوجوان جبل چاڙهو پنهنج?? اميج بهتر بڻائڻ ۽ مشهور ڪمپنين جي اسپانسرشپ متوجهه ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن، ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني جبل چاڙهو شهروزڪاشف، سرباز خان ۽ عبدالجوشي جي ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل پاڪس??ان اسپورٽس بورڊ، الپائن ڪلب آف پاڪس??ان (اي سي پي) جي صدر ۽ سيڪريٽري اي سي پي شرڪت ڪئي. صدر پاڪس??ان جي جبل چاڙهوئن جي جبل چاڙهي جي انتهائي چئلينجنگ ۽ مهم جوئي جي راند ۾ شاندار ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ڪردار کي ساراهيو، هن بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪس??ان اسپورٽس بورڊ کي چيو ته هو نوجوانن جبل چاڙهوئن لاءِ هڪ ماهر، تجربه ڪار برانڊ مينيجر مقرر ڪيو وڃي، جبل چاڙهوئن کي قومي ۽ عالمي ڪمپنين جي اسپانسرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ضرورت آهي، ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته نوجوانن ڪوه پئما پرائم منسٽر جي ڊجيٽل اسڪل پروگرام مان فائدو کڻن، بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۽ پاڪس??ان اسپورٽس بورڊ نوجوان جبل چاڙهوئن کي ضروري مدد فراهم ??ن.
صدر پاران نوجوان پاڪستاني جبل چاڙهوئن جي ڪاميابين کي ميڊيا جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل