اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هڪ سال ۾ 5 ملين ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي سهولتون فراهم ڪندي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي جنهن کي کولڻ جي ضر??رت آهي، حڪومت ان کي ملڪ جو هڪ مضبوط شعبو بڻائڻ جي لاءِ درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون سهولتون ۽ پاليسي مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ترقي لاءِ هڪ ڀرپور حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ آءِ ٽي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي توسيع ۽ ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي هڪ سال جي اندر 5 بلين ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت انڊسٽري ليڊرز جي مشا??رت سان هڪ ٺوس پئڪيج جي ذريعي پنهنجو ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم ناڻي وا??ي وفاقي وزير اسحاق ڊار کي چيو ته هو وا??نگٽن مان واپسي تي ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪري ۽ پاليسي سفارشون جوڙي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبا آءِ ٽي ٽريننگ ۽ انڪيوبيشن سينٽرز، ڪال سينٽرز، ٽيلڪوز، خودمختيار ٽيڪنالاجي پارڪس (ايس ٽي پي)، سافٽ ويئر هائوسز ۽ فري لانسنگ جي ڪم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاري آهن ته جيئن ان اميد جوڳي سروس سيڪٽر کي تيزي سان ترقي ڏئي سگهجي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اٽڪل 40 هزار آءِ ٽي پروفيشنلز جي افرادي قوت سان پاڪستان جو آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جو شعبو ترقي ڪري رهيو آهي. اها 2.6 بلين ڊالر جي سالياني آءِ ٽي روانگي واپار سان فري لانسرز جي چوٿين سڀ کان وڏي مارڪيٽ ۽ ايمازون تي سڄ?? دنيا ۾ ٽيون سڀ کان وڏو ري سيلر آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ موبائيل فون مينوفيڪچرنگ جي صلاحيت سان ان جا اٽڪل 195 ملين موبائيل فون صارفين آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان جي مڪمل ترقي جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڪستان ک?? دنيا ۾ آءِ ٽي آئوٽ سورسنگ حب طور پيش ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي برآمدات جي سمورن ??مڪ??ني جاين خاص طور تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي خطي ۾ ان جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڀرپور مارڪيٽنگ مهم جي سخت ضر??رت آهي. وڌيڪ اهو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر ۽ ايس اي سي پي جي ضابطن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس پئڪيج پڻ وقت جي ضر??رت آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي جي لاءِ ??مڪ??ني قدم کڻن. اجلاس ۾ آءِ ٽي وا??ي وفاقي وزير سيد امين الحق، ناڻي وا??ي وفاقي وزير اسحاق ڊار، ناڻي وا??ي مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، نوجوانن جي معاملن وا??ي خاص معاون شيزه فاطمه خواجه، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
حڪومت هڪ سال ۾ 5 ملين ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي سهولتون فراهم ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena