اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آ??يس ۾ گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال ملهائڻ جي لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ 2 لک کان ??ڌيڪ پاڪستاني عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جن 1960ع کان ??يستائين گڏيل قومن جي 46 مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن انهن مان 171 پنه??جي جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن. پرڏيهي آ??يس موجب جاري گڏيل بيان ??وجب پاڪستان گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۾ سڀ کان ??ڌيڪ دستا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جتي هن وقت اٽڪل 4334 فوجي ۽ پوليس اهلڪار سڄ?? دنيا ۾ 9 جاين تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پنه??جي پراڻي وابستگي ۽ حصيداري ت?? فخر آهي. مملڪتي وزير پور?? دنيا ۾ امن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امن دستن جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ يو اين ڊي پي جي نمائندي نٽ اوسٽبي گڏيل قومن پاران ڳالهائيندي چيو ته هن وقت امن دستن سان ??اڳيل 80 هزار کان ??ڌيڪ عورتون ۽ مرد سڄ?? دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جو انتهائي اهم ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، اسان ??اڪستان جا به ٿورا مڃون ٿا جيڪو عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ ۾ پنجون سڀ کان ??ڏو تعاون ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن کي ٽن ٿنڀن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو ويو جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن جنهن ۾ امن، ترقي ۽ انساني حق شامل آهن. هن چيو ته اسان امن کي ماڻهن جي وچ ۾ افهام تفهيم، دنيا کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش طور ڏسون ٿا. ان ??وقعي ت?? پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حڪومت، غيرملڪي سفارتخانن، گڏيل قومن جي ايجنسين ۽ ترقياتي حصيدارن جي نمائندن جي موجودگي ۾ پاڪستاني امن دستن ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڪم جي تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گڏيل قومن جا نمائندا، پرڏيهي وزارت ۽ آرمي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جي پاليسي سطح جي اعليٰ عملدارن ۽ گڏيل قومن جي مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هڪ عورت جنهن جمهوريه ڪانگو ۾ پاڪستاني امن دستي ۾ شرڪت ڪئي هئي، سان ??ه بحث سيشن به شامل ڪيا ويا هئا. پينلسٽس گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اهم ڪردار، ان جي ارتقا ۽ ان عظيم ڪوشش ۾ پاڪستان جي تعاون بابت پنه??جي خيالن جو اظهار ڪيو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 4200 کان ??ڌيڪ گڏيل قومن جي امن فوجين جي ياد ۾ گلن جي چادر چاڙهي جن 1948ع کان ??ٺي هيستائين امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ پنه??جي جانين جا نذرانا پيش ڪيا جن ۾ 171 پاڪستاني شهري به شامل هئا. انتونيو گوٽريس هڪ تقريب جي صدارت ڪئي جنهن دوران 103 فوجي، پوليس ۽ سويلين امن دستن کي شهيد ٿيڻ کانپوءِ ”ڊيگ همارسڪ جولڊ“ ميڊلز سان ??وازيو ويو جن ۾ 8 پاڪستاني به شامل آهن جن گذريل سال امن برقرار رکڻ ۾ پنه??جي جانين جا نذرانا ڏنا. پنه??جي پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن جا امن دستا پرامن دنيا جي لاءِ اسان جي عزم جو ڌرڪندڙ دل آهي، انهن 75 سالن کان سڄ?? دنيا ۾ تڪرارن ۽ وڳوڙ کان ??تاثر ماڻهن ۽ ڪميونٽيز جي حمايت ڪئي آ??ي، اڄ گڏيل قومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن جي موقعي ت?? اسان عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ انهن جي غيرمعمولي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عالمي سطح تي 87 هزار کان ??ڌيڪ عورتون ۽ مرد آفريقا، ايشيا، يورپ ۽ وچ اوڀر جي 12 تڪراري علائقن ۾ امن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جا امن دستا سلامتي، سياسي ۽ امن سازي ۾ مدد فراهم ڪن ٿا ته جيئن ملڪن کي تڪرارن کان امن طرف منتقلي ۾ مدد ملي سگهي. 1948ع کان ??ٺي هيستائين 125 ملڪن جي 20 لک کان ??ڌيڪ امن دستن سڄ?? دنيا ۾ 71 آپريشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. گڏيل قومن جي امن دستن جو عالمي ڏينهن هر سال 29 مئي ت?? ملهايو وڃي ٿو، جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2002ع ۾ قائم ڪيو هو. گڏيل قومون امن قائم ڪرڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سمورين عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ۽ انهن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن امن جي لاءِ پنه??جي جانين جا نذرانا ڏنا.
پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال ملهائڻ جي لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ