اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ جي لاءِ هڪ مهيني تائين ج??ري رهندڙ سرگرميون ڪاميابي ??ان منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ا??ان پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجن جي توسط ??ان متعارف نه ٿا ڪريون جن کي ا??ان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر ا??ان چئلينجن جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪريون ٿا اهو ا??ان جو تعارف آهي. هن چيو ته آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوريت جي تسلسل جو سهرو پاڪستاني عوام ڏانهن وڃي ٿو. هن اهو به چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه کنيو پر هن ملڪ جي خاطر ٽن نسلن جي قربانين کي ترجيح ڏني. بدترين آمريت جون آزمائشون بيان ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي سدائين جمهوري رستي جي چونڊ ڪئي آهي. پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ پاپولسٽ سياسي افساني سياست کي يرغمال بڻائ?? رکيو آهي جنهن ??ان پاڪستان جي عوام کي شديد پريشاني درپيش آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام تشدد کي سدائين رد ڪري ٿي، ڀلي اها ??نه?? به شڪل ۾ هجي يا ??نه?? نعري تحت شروع ڪيو ويو هجي. پاڪستان جي عوام ۽ سياسي پارٽيون پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ سمورن رياستي ادارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿيون. هن چيو ته امن امان جي تازي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ڇو ته ڪجهه غي??جم??وري عنصر ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آئين کي فوجي آمرن بنا ??نه?? پڇتاءُ جي لتاڙي ڇڏيو جنهن کي عوام جي جدوجهد ??ان شڪست ٿي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي جارحيت ۽ غيرائيني قدمن جي خلاف پنهنجي جدوجهد جار?? رکندي.
آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت