لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، آذربائي??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ايل اين جي معا??دي سان گڏيل لاڳاپن جون نيون راهون کلنديون، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان اڄ هڪ اهم ڏينهن آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ۽ آذربائي??ان جي وچ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ تعاون جي معا??دي جي حوالي سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جو ڏينهن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان هڪ اهم ڏينهن آهي، حڪومت پاڪستان آذربائي??ان ماهوار هڪ جهاز ايل اين جي خريد ڪندي، خريدا??ي جو اختيار پاڪستان وٽ هوندو، جنهن سان ايل اين جي نه خريد ڪرڻ تي ڏنڊ نه لڳندو. ان معا??دي سان ملڪ ۾ سستي ايل اين جي ميسر هوندي ۽ اها انرجي جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ تمام وڏي اڳڀرائي ثابت ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان معا??دي جو مدو هڪ سال تائين آهي جنهن کي وڌيڪ هڪ سال تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ان پيٽروليم معا??دي سان گذريل سال آذربائي??ان ۾ الهام عليوف ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ سندن ٽيم ان معا??دي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون آذربائي??ان جي صدر ۽ پاڪستان ۾ آذربائي??ان جي سفير جا ٿورا مڃان ٿو جن ان معا??دي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف معا??دي سان بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو جيتوڻيڪ حڪومت ان اضافي جو بار غريب ماڻهن تي نه وجهندي، 31 سيڪڙو گهريلو صارفين کي جزوي سبسڊي ڏني وئي آهي، بجلي جي 200 يونٽ تائين جي گهريلو صارفين تي قيمت ۾ اضافو لاڳو نه هوندو. ان موقعي تي آذربائي??ان جي سفير چيو ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي اهي ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. ان معا??دي سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان سان وڌيڪ شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ان کان اڳ پاڪستان ۽ آذربائي??ان جي وچ ۾ پيٽروليم واري صنعت ۾ معا??دي جي ڪاغذن تي صحيحون ڪيون ويون. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، پيٽروليم واري سيڪريٽري، پاڪستان ۾ آذربائي??ان جي سفير، آذربائي??ان جي پيٽروليم ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو سميت ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا.
حڪومت عام ماڻهو کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت