اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ستين آد??شم??ري جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آد??شم??ري موجب پاڪستان جي مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 92 هزار آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ص??ار?? هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ نتيجن جي متفقه منظوري ڏني وئي. چئني ئي وڏن وزيرن، سمورين سياسي پارٽين جي نمائندن آد??شم??ري جي نتيجن سان ??ڪمل اتفاق ڪيو، بلوچستان عوامي پارٽي جي ڊاڪٽر خالد مگسي، ايم ڪيو ايم جي سيد امين الحق، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مولانا اسعد محمود، پاڪستان ??يپلزپارٽي جي قمر زمان ڪائره به سي سي آءِ جي ٻين ميمبرن کانسواءِ خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي وزيراعظم چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاق جي مضبوطي لاءِ هڪ اهم آئيني ادارو آهي، پاڪستان ۾ پهرين ڊجيٽل آد??شم??ري بهترين طور تي مڪمل ٿي آهي جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ پاڪستان جي شماريات کاتي ان ??ومي فرض ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزارت جي ٻين آفيسرن خاص ڪري شماريات کاتي ۽ گهر گهر وڃي ڳڻپ ڪندڙ اهلڪار ڊجيٽل آد??شم??ري جي ڪاميابي سان ??ڪمل ڪرڻ لاءِ کيرون لهڻن، اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان جي شماريات کاتي طرفان آد??شم??ري جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شماريات کاتي طرفان ??ڌايو ويو ته س??ين آد??شم??ري مطابق پاڪستان جي مجموعي آبادي 241.49 ملين آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي آد??شم??ري جي شرح باقي صوبن کان ??ڌيڪ 3.2 سيڪڙو رهي، گذريل 6 سالن ۾ آباد ۾ 3.5 ڪروڙ جو اضافو ٿيو جيڪو فڪر جو لمحو آهي. پاڪستان جي آبادي جي واڌ جي تناسب سان ??اڪستان جي معاشي ترقي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته آبادي ۾ واڌ ڪيترن ئي قسمن جون مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، هي پاڪستان ۾ آئنده ايندڙ چونڊيل حڪومت ۽ مستقبل لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، اسان کي نه رڳو آبادي ۾ واڌ کي روڪڻو پوندو پر پاڪستان جي معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻڻو پوندو. اجلاس کي رٿابندي واري وزارت ۽ پاڪستان شماريات کاتي طرفان ستين ڊجيٽل آد??شم??ري جي طريقيڪار ۽ نتيجن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022ع ۾ آد??شم??ري لاءِ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جيڪا ناليوارن شماريات جي ماهرن تي ٻڌل آهي ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ان جو صدر آهي، سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام ۽ سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏني، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنسس مانيٽرنگ ڪميٽي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرزن سميت صوبائي نمائندن جي شرڪت کي يقيني بڻايو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آد??شم??ري لاءِ نادرا نه رڳو سافٽ ويئر پر هڪ لک 26 هزار ٽيبليٽس، نيشنل ٽيلي ڪام ڪارپوريشن (اين ٽي سي) ڊيٽا انفرا اسٽرڪچر، اسٽوريج اينڊ ڪمپيوٽنگ جي سهولت، جڏهن ته سپارڪو بلاڪس جي تازي ترين سيٽلائيٽ جون ڊجيٽل تصويرون مهيا ڪيون. ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن هڪ لک 21 هزار اهلڪار، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انگ اکر گڏ ڪندڙ اهلڪارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي. بريفنگ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سنسس ايڊوائيزري ڪميٽي جي سفارش تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آد??شم??ري جي عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پهرين ڏينهن کان شامل ڪيو ويو، ان ڪري ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آد??شم??ري دوران صوبائي انتظاميه، سول سوسائيٽي ۽ تعليمي ماهرن کي به ان جو حصو بڻايو ويو. آد??شم??ري جي سرگرمين ۾ صوبائي چيف سيڪريٽرين ضلعي انتظاميه کي ڊيش بورڊز ذريعي پل پل نگراني جي سهولت فراهم ڪئي وئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آد??شم??ري 2023ع پهرين مارچ 2023ع کان 22 مئي 2023ع تائين جاري رهي، جڏهن ته ڊيٽا گڏ ڪرڻ کانپوءِ سروي 8 کان 9 جولاءِ 2023ع تائين جاري رهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2023ع ۾ مجموعي طور پاڪستان جي آبادي 241.49 ملين ماڻهن تي ٻڌل رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي طرح خيبرپختونخوا جي آبادي 40.85 ملين، پنجاب جي آبادي 127.68 ملين، سنڌ جي آبادي 55.69 ملين، بلوچستان جي آبادي 14.89 ملين ۽ اسلام آباد جي آبادي 2.36 ملين رڪارڊ ڪئي وئي. ان ??حاظ کان ??اڪستان جي آبادي ۾ واڌ جي موجوده س??لياني شرح 2.55 سيڪڙو آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 2.38 سيڪڙو، پنجاب ۾ 2.53 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.57 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 3.20 سيڪڙو رهي، اجلاس ۾ متفقه طور ستين ڊجيٽل آد??شم??ري جا نتيجا منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق کانپوءِ آد??شم??ري جي نتيجن جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آبادي ۾ واڌ جي موجوده رفتار انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. اسان جا سمورا قومي ا??ار?? ۽ صوبائي حڪومتون آباد ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن، ملڪ جا محدود وسيلا وڌندڙ آبادي لاءِ ناڪافي آهن. جيڪڏهن آبادي جي شرح موجوده رفتار سان جاري رهي ته اسان جي سمورين ڪوششن باوجود پاڪستان ۾ غربت ۽ بيروزگاري ۾ واڌ ٿيندي. ان ??اءِ پنهنجي محفوظ مستقبل لاءِ اسان کي آبادي ۾ واڌ تي ضابطو آڻڻ ۽ موجوده آبادي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻڻا پوندا.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين آدمشماري جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪستان جي موجوده مجموعي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 92 هزار آهي، ملڪي آبادي جي سالياني اوسر واري شرح 2.55 سيڪڙو رهي: اجلاس کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے