اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيڪل شعبي جي تعليم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي جي خدمتن، مجموعي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته صحت جي شعبي بابت پاليسين ۾ بيمارين جي علاج سان گڏ بچاءُ تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت کان اڳ بيمارين کان بچاءُ ۽ وقت سر تشخيص سان صحت جي نظام تي پوندڙ بار کي گهٽ ڪري ??گه??ي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين اجلاس کي خطاب ڪر?? رهيو هو. اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر تنوير خالق سميت سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يونيور??ٽي جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي نرسنگ جي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ داخلائن جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. گهٽ عرصي ۾ مختلف شعبن ۾ 429 اسپيشلسٽ تيار ڪري چڪي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀ ٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ وڏا تحقيقاتي گرانٽس کٽي چڪي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي ميڊيڪل جي شعبي ۾ تحقيق ۾ پڻ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آهي. شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي مستقبل ۾ نوان پي ايڇ ڊي پروگرام شروع ڪرڻ وڃ?? رهي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي پنهنجي پهرين تدريسي بلاڪ جي تعمير پڻ مڪمل ڪندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان بچاءُ تي ڌيان ڏئي گهٽ قيمت ۾ ملڪ جي مجموعي صحت جي صورتحال ۾ بهتري آڻي ??گه??ي ٿي، رڳو بيمارين جي علاج تي ڌيان سان ملڪ جي صحت جون ضرورتون پوريون نه ٿ?? رهيون آهن. صدر سڄي ملڪ ۾ بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ آگاهي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ملڪ کي وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ضرورت آهي، يوني??رس??يون گريجوئيٽس وڌائڻ تي ڌيان ڏين، عام ماڻهو جي صحت سهولتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ صحت جي شعبي ۾ تربيت يافته ماڻهن جو انگ وڌائڻو پوندو، عورت ڊاڪٽرن جي صحت جي شعبي خدمتون برقرار رکڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن کي ڪم جي جڳهه تي دوستاڻو ۽ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻو پوندو، يوني??رس??يون تحقيق جي شعبي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي وڌائين، ٻاهرئين ملڪ مان ريسرچ گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماهر ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون. اجلاس ۾ يونيور??ٽي قائم ٿيڻ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪاميابين ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتن بابت پڻ ٻڌايو ويو. سينيٽ جي اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيور??ٽي جي سالياني رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. سينيٽ يونيور??ٽي جي ملازمن جي سروس قانونن ۾ ترميم جي پڻ منظوري ڏني.
صحت جي شعبي بابت پاليسين ۾ بيمارين جي علاج سان گڏ بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ