اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پولينڊ ??ي آزادي جي ڏهاڙي ۽ هٿياربند فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران پولينڊ ??ي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ ??ان واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي سگ??ه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پولينڊ ??ا سفارتڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي پرڪشش موقعن مان فائدو کڻي سگ??ن ٿا، پاڪ فضائيه جي ترقي ۾ پولينڊ ??ي پائليٽس جي ڪردار تي پاڪستان جي عوام کي فخر آهي. اهڙن خيالن جو اظها?? هن پولينڊ ??ي آزادي جي ڏهاڙي ۽ هٿياربند فوج جي ڏينهن جي موقعي تي پولينڊ ??ي سفارتخاني پاران منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پولينڊ ??ان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ باقاعده مشاورت سان مختلف سطحن تي تعاون جي راهه هموار ٿي جيڪا حوصلي جوڳي آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ پولينڊ ??ي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ پولينڊ ??ي اسلام آباد ۾ موجود سفارتخاني جو انتهائي اهم ڪردار آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام پاڪ فضائيه جي ترقي ۾ پولينڊ ??ي پائليٽس جي ڪردار تي فخر ڪري ٿي، خاص طور تي ايئر ڪموڊور تورووچ جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو. هن چ??و ته بهاره ڪهو بائي پاس جو نالو تورووچ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان پولينڊ ??ان واپاري، معاسي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي سگ??ه ڏيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو 899 ملين ڊالر هو، اسان کي ان ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن پاڪستان ۾ پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني (PGiNG) جي فعال ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ڪمپني پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگ??ه ڏي. نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا فراهم ڪري رهيو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو مقصد کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۽ دفاعي پيداوار جهڙن اهم شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي ون ونڊو آپريشن فراهم ڪرڻ آهي، پولينڊ ??ا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي سگ??ن ٿا. هن چ??و ته اسان جون پولينڊ ??ان اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڪيترائي غور هيٺ آهن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو بهترين مثال آهي. هن چ??و ته تازو ئي سفارتي پاسپورٽ جي لاءِ ويزا جي شرط جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ٿيون ۽ ان تي عملدرآمد جاري آهي. هن چ??و ته عوامي سطح تي رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙا معاهدا لازمي آهن.
پاڪستان پولينڊ سان واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena