اسلام آباد – 22 – ??پر??ل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراع??م محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ??ئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراع??م ملاقات ۾ چيو ته عام چونڊن کانپوءِ توهان پهريان ملڪي سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم توهان جي ان دوري جي آجيان ??ري ٿي. ايراني صدر شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مختلف شعبن ۾ تعاون، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن پاران ??ڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي ملاقات، واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ