اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي اقتصادي پاليسين ۽ سڌارن ۾ اقتصادي ماهرن ۽ نجي شعبي سان مشاورت کي اهميت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين مُلڪن جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي مشاورتي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي جنهن جو واضح مثال اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي. اجلاس کي مع??شي انگن اکرن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال ٽئين ٽه ماهي ۾ زرعي شعبي ۾ واڌويجهه جي شرح 6.25 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 2.27 سيڪڙو هئي، صنعتي شعبي ۽ سروس سيڪٽر ۾ پڻ واڌويجهه جي شرح ۾ واضح اضافو ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان جا اثر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪميٽي ميمبرن پاران مع??شي بحالي ۽ مختلف شعبن جي حوالي سان تجويز??ن پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ضروري قدمن تي ٺوس ۽ مفصل سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪي اقتصادي پاليسين ۽ سڌارن ۾ اقتصادي ماهرن ۽ نجي شعبي سان مشاورت کي اهميت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪستان جي مع??شي صورتحال اڳ کان بهتر آهي، ملڪي مع??شي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ وسعت جي لاءِ پهرين ڏينهن کان نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ جي مشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، گورننس جي ذريعي مهانگائي ۾ گهٽتائي جا اثر عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪ??سي ڪري ٿو. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ غيرملڪي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪنداس??ن، عام ماڻهو تي ٽيڪس جي شرح کي گهٽ ڪري ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، آبادگارن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ انهن کي معياري ٻج ۽ وقت تي ڀاڻ فراهم ڪنداس??ن، زرعي پيداوار کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صنعت کي فروغ ڏينداسين. وزيراعظم ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي فوري حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن جهانگير خان تر??ن، ثاقب شيرازي، شهزاد سليم، مصدق ذوالقرن??ن، ڊاڪٽر اعجاز نبي، آصف پير، زيد بشير، سلمان احمد ۽ شهريار چشتي، وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ٻاهرئين مُلڪن جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي فوري حل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد