اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪلاڊيا شين بام کي ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آئون ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر جي طور تي توهان جي تاريخي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ??سلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت ۽ عورتن جي خودمختياري جي لاءِ جدوجهد ڪئي. صدر چيو ته اسان توهان جي قيادت ۾ ميڪسيڪو سان ٻطرفا لاڳاپا ??ست??ڪم ڪرڻ ??ا خواهشمند آهيون. صدر آصف علي زرداري ميڪسيڪو جي صدر جي ڪاميابي ۽ ميڪسيڪو جي خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان