اسلام آباد – 23 – جولائي (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمانستان جي ڪمپني?? کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف وزيراعظم هائوس ?? ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪمانستان جي عظيم اڳواڻ قربان گلي ??رد?? محمدوف سان هن مهيني جي شروع ۾ آستانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪ??دي چيو ته هو سندس پاڪستان ۾ استقبال ڪرڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪ??و ۽ ٻنهي ملڪن جي ادارن جي ان عمل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپ?? کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپني?? کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم غيرملڪي سيڙپڪار?? کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪردار تي روشني وڌي. هن علائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪ??و ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ۽ ٻين منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم پاران ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن