اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته جٽادار ترقي لاءِ علائق??ئي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي، پاڪستان علائق??ئي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. گذريل ڏينهن شنگه??ئي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس جي شروعات تي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ وزيراعظم چيو ته ايس سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، اسان پنهنجي معزز مهمانن کي اسلام آباد ۾ خوش آمديد چئون ٿا. هن چيو ته ايس سي او ملڪ دنيا جي 40 سيڪڙو آباد?? جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته جٽادار ترقي لاءِ علائق??ئي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي، اڄ جو اجلاس علائق??ئي تعاون لاءِ اهم موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي بهتر معيار زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. معاشي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اسان کي گڏجي اڳيان وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اسان کي يقين آهي ته اجلاس ۾ ٿيل نفعو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون خط?? جي عوام لاءِ ڏور رس ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان عالمي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده صورتحال گڏيل قدمن جي گهرجائو آهي، پاڪستان علائق??ئي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اسان کي گڏيل ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي سياحتي رابطن ۽ ماحول دوست ترق?? جي شعبن ??ي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، واپاري رابطن ۾ اضافي لاءِ ڪوششون به ضروري آهن.
جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena