اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر ??ين??ٽر شيري رحمان آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي سچائي 18 سالن کان پوءِ به ثابت ٿي رهي آهي. پ پ ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان موجب شيري رحمان چيو ته اميد آهي ته سموريون سياسي ۽ جمهوري قوتون قوم کي اتفاق راءِ جو تحفو ڏينديون. ميثاقِ جمهوريت جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي، صدر زرداري ان تي عمل ڪرايو، بلاول ڀٽو زرداري 18 سالن کانپوءِ ان اڌوري ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ جي عمل جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت جي اڌوري ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ ۾ بلاول ڀٽو زرداري تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڳالهيون ئي جمهوريت جي اصل طاقت ۽ بند دروازن جي ڪُن??ي آهي، آئيني ترميمن تي اتفاق جي سوچ ۽ جمهوريت جو جذبو ۽ پ??رليامينٽ جي بالادستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. عدل جي نظام جي اصلاح سان ڪروڙين پاڪستانين ۽ جيلن ۾ سالن کان انصاف جي انتظار ڪندڙ قيدين کي انصاف جي وقت سر فراهمي سان رليف ملي سگهندو. هن چيو ته ملڪ ۽ قوم، آئين ۽ قان??ن ۽ جمهوريت اصولن لاءِ گڏيل ڪوششن ڪندڙ جمهوري قوتون ۽ پ??رٽيون تحسين لائق آهن.
آئيني ترميمن تي شروعاتي اتفاق ۽ گڏيل صلاح سان اڳيان وڌڻ جو جذبو جمهوريت جي فتح آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا