هنوئي-21 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪ جنگ جي ميدان ۾ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا پر ائين مم??ن ناهي، جيڪڏهن اسان ج?? ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو ته اسان سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. هن پنهنجي ويٽنام جي دوري دوران پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته روس کي شڪست ڏيڻ ان ج?? عوام جي اتحاد سبب ناممڪن آهي. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته يوڪرين ج??گ سبب اولهندي ملڪن سان روس جي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اولهه وارا ملڪ ظاهري طور اميد ڪن ٿا ته اسان ڪنهن به وقت خوفزده ٿي وينداسين، گڏ ئي اهو به چون ٿا ته اهي ميدان ج??گ ۾ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ چاهين ٿا. روس لاءِ ان ج?? مطلب روسي رياست جو خاتمو آهي. ان ج?? مطلب روسي رياست جي هزار سالن ج?? تاريخ جو خاتمو آهي جيڪو مم??ن ناهي. روسي صدر اعتراف ڪيو ته ايٽمي هٿيارن ج?? استعمال بابت ڪنهن به تڪراري جي پوري انسانيت لاءِ سنگين نتيجا هوندا، پر هن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ جو وجود خطي ۾ پئجي ويو ته روسي حڪومت سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي پنهنجو دفاع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.
آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia