اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظ?? شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي ڪامياب پڄاڻي ۽ شاهراتي ۽ سامونڊي رستن ذريعي علائقائي رابطن جي فروغ کي يقيني بڻائي پنهنجي اقتصادي واڌويجهه جي شرح کي 9 سيڪڙو تائين وٺي وڃي سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم ا??يئرز جي اهتمام هيٺ عالمي ميري ٽائيم سمپوزيم کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، بحريه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ايڊمرل محمد شفيق، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليف??ين??ٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ڊي جي ميري ٽائيم ا??يئرز ريئر ايڊمرل مختار خان شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش