اسلام ??باد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏک ۽ درد جو احس??س نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پرڏيهي ملڪ پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن حڪ??مت فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙن جو احس??س ناهي ڪيو?? وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اها حڪ??مت انهن جي ڏکن تي مرهم رکي رهي آهي، هن ملڪ جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن بدعنواني، مني لانڊرنگ ۽ غريبن جو رت چوسي عوام کي ڏک ڏنا?? وزيراعظم عمران خان بهترين طريقي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب عوام ??ي ڏکن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست طرف اڳڀرائي جو اهو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي اليون پناهگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جو احساس نه آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena