ڪراچي – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم اڪيڊمي جي لائبريري ۾ سمورن ناياب ڪتابن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪالرز ۽ مح??قن جي انهن تائين پهچ کي ??ڌي?? آسان بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن باباءِ قوم قائداعظم مح??د علي جناح ۽ ننڍي کنڊ ??ي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شامل سندس سا??ين جي حوالي سا?? تحقيق جي لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته اهو قومي تاريخ کي مح??وظ بڻائڻ جو انتهائي اهم پليٽ فارم آهي جنهن ۾ بنيادي ڌيان پاڪستاني ثقافت، سماجيات، سياست ۽ ملڪي تاريخ جي ا??تص??دي رخن جي حوالي سا?? تحقيق، اشاعت ۽ ترويج تي آهي. صدر اڪيدمي جي پهرين ڊائريڪٽر پروفيسر شريف المجاهد ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان کي هڪ فعال تحقيقي ۽ اشاعتي مرڪز بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اڪيڊمي ۾ تحقيقي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. قائداعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ قائداعظم اڪيڊمي جي ڊائريڪر صدر کي بريفنگ ڏني. صدر کي اڪيڊمي جي انتظامي معاملن ۽ خاص طور تي تحقيق ۽ اشاعت جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر کي ٻڌايو ويو ته اڪيڊمي قائم ڪرڻ کانپوءِ هيستائين انگريزي، اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ 80 ڪتاب شايع ڪيا ويا جيڪي رعايتي اگهن تي فراهم ڪيا پيا وڃن.
اسڪالرز ۽ محققن جي انهن تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا