اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مسلم ڪانفرنس جي صدر سردار عتيق احمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وزير علي امين گنڊاپ??ر، پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيف آرگنائيزر ??يف الله نيازي ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري عامر ڪياني پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊن جي حوالي س??ن ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته آزاد ڪشمير جُون ٻئي وڏيُون سياسي پارٽيون (پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ڪانفرنس) پنهنجي پنهنجي منشور موجب چونڊن ۾ شريڪ ٿينديون.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن