اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صد?? جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اڳوڻي بئنڪ مينيجر انساني بنيادن تي صد?? مملڪت کان سروس ۾ بحالي جي درخواست ڪئي هئي، بئنڪ مينيجر تي هراسيت جو الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، حبيبه رئوف مينيجر نعيم اقبال جي خلاف بئنڪ کي هراسيت جي شڪايت ڪئي هئي، تفصيل موجب بئنڪ ??نڪوائري ۾ نعيم اقبال تي لڳايل الزام ثابت ٿيا، هراسيت جا الزام ثابت ٿيڻ تي نعيم اقبال کي بئنڪ ??رطرف ڪري ڇڏيو، نعيم اقبال برطرفي جي خلاف ڪم جي جاءِ تي هراسيت جي روڪٿام جي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني، محتسب نعيم اقبال کي ننڍن ٻارن ۽ بزرگ والدين جي ڪري سزا ۾ نرمي ڏني، هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ”نوڪري تان برطرفي“ جي بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ نعيم اقبال صد?? کي انساني بنيادن تي سروس ۾ بحالي ۽ م??تسب ج?? فيصلو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، صد?? هراسيت ۾ملوث ماڻهو جي اپيل رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته معزز محتسب سزا کي ”نوڪري تان برطرفي“ بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ ۾ بدلجي چڪو، درخواستگذار محتسب ج?? حڪم ۾ ڪنهن قسم جي غير قانونيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ج?? حڪم کي بدلائڻ لاءِ ڪو جواز پيش نه ڪيو، ان لاءِ درخواست گذار جي نوڪري ۾ بحالي جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری