اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪس??ان جي نامزد سفير مسعود خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪس??ان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا حصيداري ۽ گڏيل هدفن جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم نامزد سفير مسعود خان کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان رابطو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي تم??م گهڻي متحرڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي لاءِ ڪم ڪري. هن پاڪس??ان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي صحيح طور تي اجاگر ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم نامزد سفير کي نئين ذميوارين جي سلسلي ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير مسعود خان هڪ تجربيڪار سفارتڪار آهي ۽ چين ۾ پاڪس??ان جي سفير طور پڻ ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو نيويارڪ ۽ جنيوا سميت گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان جي مستقبل نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مسعود خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha