اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي ۾ چيني شه??ين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چونچوئي ۽ آفيسرن سان ڳالهائيندي صدر چ??و ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم کي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي ۽ هو پنهنجي چيني ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ان عزم جو ورجاءُ ڪ??و ته پاڪستان چيني شه??ين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان ڪڌي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، صدر واقعي جي پرزور مذمت ڪندي چ??و ته اسان جي دشمنن جا ناپاڪ ارادا ان جي پويان آهن جيڪي پاڪ چين دوستي ۽ ۽ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا پر اهي پنهنجي انهن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي هموار آهي ۽ هو سدا بهار دوستي کي سگ??ه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. هن ناظم الامور کي چ??و ته هو چيني عوام، ڪميونسٽ پارٽي ۽ صدر شي جن پنگ تائين به اها دلي تعزيت پهچائي. ناطم الامور سفارتخاني جو دورو ڪرڻ ۽ چين جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چ??و ته ٻئي ملڪ گڏيل مستقبل جا حامل آهن ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي ۽ ويجهي تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي، هن حملي جي مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان واقعي جي پردي پويان ڏ??ها??ين کي گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي، ان کانپوءِ صدر سفارخاني جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چ??و ته چيني عوام سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائراڻي دوستي ۽ عوام جي سطح تي گهرا لاڳاپا هموار آهن، هن چ??و ته ٽن چيني شه??ين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان ائين لڳي ٿو ته اسان پنهنجي پاڪستاني رشتيدارن کي وڃايو آهي، ان المناڪ واقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه ۽ چيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. صدر چ??و ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا دوستاڻا لاڳاپا اسان جي دشمنن لاءِ خطرو آهن ان لاءِ هو چين پاران اسان جي مدد، بي آر آئي ۽ سي پيڪ جي ذريعي چين جي امن ڪوششن کي سگ??ه ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي پويان آهن، تنهن ڪري جتي به دهشتگرد آهن اسان کي انهن جي ناپاڪ ارادن کي گڏجي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي. بنا شڪ جي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تنهن هوندي به اهو واقعو رونما ٿيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آهي، صدر چين کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، هن پاڪستان ۾ چيني شه??ين جي خدمتن کي ساراهيندي چ??و ته اسان کي ٽيڪنالاجي، ثقافت، زبان، ڪميونيڪيشن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، هي ٽئي چيني شهري چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪميونيڪيشنز اسڪلز ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا، اسان خاطري ڪرايون ٿا ته پنهنجي شه??ين وانگر چيني شه??ين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين.
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ڪراچي واقعو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آهي، ان واقعي ۾ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ وارا عنصر شامل آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil