اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم شاگردن لاءِ خصوصي ڪمپيوٽرز ۽ سافٽ ويئر جي فراهمي جي ??رو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوامي نمائندا، اين جي اوز ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتا شاگردن کي معياري ۽ مارڪيٽ جي ??رو??تن تي ٻڌل هنر فراهم سان گڏوگڏ ??سڪ??ل کي جديد دور جي تدريسي سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سموري ??رو??ي مدد فراهم ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل اسپيشل ايجوڪيشن ڪمپليڪس خضدار بلوچستان جي شاگردن سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ??سڪ??ل کي سيڪندڙي سطح تائين اپ گريڊ ڪرڻ، نصاب کي بهتر ۽ جديد بڻائڻ، ??سڪ??ل کي جديد تعليمي سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سمورا ??رو??ي قدم کڻن. صدر چيو ته شاگردن کي بهترين آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ۽ آءِ ٽي جون مهارتون فراهم ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر خصوصي ماڻهن لاءِ سرڪاري عمارتن، اسپتالن، تفريحي سهولتن، پبلڪ ٽرانسپورٽ، گهٽين ۽ رستن تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي ??رو??ي قدم کڻن،حڪومت ۽ سول سوسائيٽي مناسب تعليم، هنر، تربيت ۽ مناسب نوڪرين تي مقرري جي ذريعي معاشري ۾ انهن ماڻهن جي موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هن چيو ته معذور ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ، جيڪو 2020ع ۾ منظور ڪيو ويو، حڪومت پاڪستان کي پابند ڪريان ٿو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته هر معذور ماڻهو جو احترام ڪيو وڃي ۽ ان کي بنا ڪنهن امتياز جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي سميت سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي برابر موقعن سان گڏوگڏ هڪ مهذب زندگي گذارڻ جو حق هجي. صدر کي ٻڌايو ويو ته شاگردياڻيون پنهنجي تعليمي سرگرمين جي سلسلي ۾ اسلام آباد جو دورو ڪري رهيو?? آهن، نيشنل اسپيشل ايجوڪيشن ڪمپليڪس خضدار ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي علائقن ۾ معذور شاگردن جو واحد تعليمي ادارو آهي، اداري ۾ پرائمري تعليم ۽ هنرمندي جي پروگرامن ۾ 160 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيو?? آهن.
صدر پاران ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم شاگردن لاءِ خصوصي ڪمپيوٽرز ۽ سافٽ ويئر جي فراهمي جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش