اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي اڳ ۾ غيرملڪي سازش تي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي نيب قانونن تي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان مافيا ڪجهه هيرن جي عيوض ملڪي مفاد کي وڪرو ڪيو، پوڻا چار سال هنن قانون ۽ انصا?? جون ڌڄيون اڏايون، عمران صاحب ٻه جهنڊا رکي توهان رُوئو، پٽيو يا رڙيون ڪيو، توهان جي ڪرپشن جا پوک کلي چڪا آهن، ذاتي مفادن جي لاءِ پنهنجي اختيارن جو ناجائز ا??تع??ال ڪندڙ توهان جهڙن کي جيل هجڻ گهرجي. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيل ۾ عمران صاحب توهان ۽ نيب چيئرمين کي هجڻ گهرجي جيڪي پوڻا چار سال قانون ۽ انصا?? جون ڌڄيون اڏائيندا رهيا. هن چيو ته ٻه جهنڊا رکي عمران صاحب توهان رُوئو، پٽيو يا رڙيون ڪيو، توهان جي ڪرپشن جا پول کلي چڪا آهن، عوام توهان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، توهان جي چار سال جي چوري، ڪرپشن ۽ نالائقي عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي ۽ وزيراعظم جي ڪرسيءَ ا??تع??ال ڪري به عمران نيازي پنهنجا هنيل الزام ثابت نه ڪري سگهيو، سرڪاري رڪارڊ ۽ اختيار هجڻ جي باوجود توهان هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته عمران خان پوڻا چار ساال جعلي احتساب جو بيانيو هلايو جيڪو ناڪام ٿيو. هن چيو ته اختيارن جو ناجائز ا??تع??ال ڪري ڪوڙا ڪيس ٺاهي به عمران صاحب توهان ناڪام ٿيا. هن چيو ته عمران خان برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي وٽ ويو پر اتان به شڪست ملي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران صاحب! بني گالا ۾ ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي انقلاب ناهي ايندو. هن چيو ته هيرا وٺي فيڪٽرين جا گيٽ کولرائيندر کي نيب ترميمون ياد اچي ويون آهن. چار سال عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهڻ وارو اڳ ۾ غيرملڪي سازش تي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي نيب قانونن تي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران نيازي هڪ ڀيرو ٻيهر نيب نيازي ڳٺ جوڙ کي ا??تع??ال ڪرڻ چاهي ٿو جنهن جي ذريعي هن سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ ناحق قيد ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شر??ف اڄ به عدالتن ۾ پ??ش ٿي رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جهڙن ذاتي مفادن جي لاءِ اختيارن اختيارن جو ناجائز ا??تع??ال ۽ سياسي انتقام جي لاءِ هر غيرقانوني هربا ا??تع??ال ڪندڙن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان نيب کي ا??تع??ال ڪري انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي، عمران نيازي مريم نواز تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا جنهن ڪڏهن ڪو سرڪاري عهدو ناهي رکيو، سمورن اختيارن ۽ طاقت هوندي نيب، ايف آءِ اي ۽ اين سي اي ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران صاحب جون رڙيون رڳو پنهنجي چوري ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ نڪري رهيون آهن. هن چيو ته نيب ترميمن سان موجوده ڪيسز تي ڪو فرق نه پوندو، شهباز شر??ف اڄ به ڪوڙن الزامن جي باوجود پيشيون ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته عمران صاحب ڪوڙ، منافق فتنو آهي ۽ هر ڳالهه تي عوام کي گمراهه ڪري ٿو.
عمران نيازي قوم کي اڳ ۾ غيرملڪي سازش ۽ هاڻي نيب قانونن تي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن