پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان ??يو آهي ته ڪي پي ڪي جي اٽڪل سڀني ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي بحال ڪئ?? وئي آهي. سوات ۽ـ باجوڙ جي ڪجهه ٻوڏ سٽيل علائقن کانسواءِ ڪي پي ڪي جي سڀني ضلعن ۾ بجلي بحال ڪئ?? وئي آهي جنهن ۾ پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدار ۽ فيلڊ اسٽاف تعريف جا حقدار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? ٻوڏ متاثر گرڊ اسٽيشنز، فيڊرز، ٽ??انسميشن لائنن ۽ ٿنڀن سميت بجلي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪمن جي حوالي سان پيسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئ?? ته مٿاهين سوات ۽ باجوڊ جي باقي رهيل ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جلد کان جلد بجلي بحال ڪئ?? وڃي. هن ??يو ته 9 بند گرڊ اسٽيشنن مان 6 گرڊ اسٽيشنن تي بجلي بحال ڪئ?? وئي آهي، اهڙيءَ طرح صوبي ۾ 126 متاثر ٿيندڙ فيڊرز مان 121 فيڊرز کي بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور پهتل وفاقي وزير ??يو ته تباهه ٿيل بجلي جي ٿنڀن ۽ ٽرانسميشنن لائنن کي ترجيحي بنيادن تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو . هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 10 ارب رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن متاثر آباديءَ کي رليف فر??هم ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف جي فر??هميءَ لاءِ قومي پاليسي بڻائي ويندي. هن ??يو ته ڪي پي ڪي کانسواءِ سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي آهي. هن ??يو ته بجلي جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ ريڪوري وڌائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئ?? پئي وڃي.
ڪي پي ڪي جي سڀني ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي: وفاقي وزير خرم دستگير خان
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ